خميني، آيت الله

خميني، آيت الله

خميني آيت الله

خميني، آيت الله: ايران جي مشهور روحاني ۽ سياسي اڳواڻ آيت الله خُمينيءَ، 20 جمادي الثاني 1320هه/ 24 سيپٽمبر 1902ع تي ايران جي شهر خُمين ۾ جنم ورتو. امام خمينيءَ جو اصل نالو سيد روح الله مصطفوي موسوي خميني هو. سندس والد جو نالو آيت الله شهيد سيد مصطفيٰ موسوي ۽ ڏاڏي جو نالو سيد احمد الموسوي هو. ’آيت الله خُميني‘ ۽ ’امام خُميني‘ سيد روح الله مصطفوي موسويءَ جا لقب آهن. هڪ روايت موجب امام خُمينيءَ جي ڏاڏي جو تعلق مشهور شيعه عالم ۽ ليکڪ مير حامد حُسين نيشاپوريءَ جي خاندان سان هو، جيڪو هندستان جي شهر ڪنٽور جو رهواسي هو. ڪنٽور ڪشمير ۾ آهي، ان ڪري خمينيءَ جا وڏا اصل ڪشمير جا به چيا وڃن ٿا.
امام خمينيءَ جي والد سيد مصطفيٰ الموسويءَ جو ڳاڻيٽو ننڍي عمر وارن وڏن عالمن ۽ مجتهدين ۾ ٿيندو هو. هن هڪ عالم جي حيثيت ۾ نه رڳو عوام جي خدمت ۽ رهنمائي ڪئي، پر جاگيرداري نظام جي به مخالفت ڪئي هئي، جنهنڪري کيس پنهنجي علائقي ۾ هڪڙي جاگيردار سازش ڪري شهيد ڪرائي ڇڏيو هو.
امام خُميني پنهنجي والد جي شهادت وقت صرف نوَن مهينن جو هو، ان ڪري سندس تربيت والده بانو حاجره ۽ پُڦيءَ ڪئي، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اُهي ٻئي ڄڻيون به مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليون. امام خُمينيءَ اهڙي تڪليفن واري دور ۾ به پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري رکيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ايران جي شهر قُم ۾ هڪڙي درسگاهه ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ جلد ئي سندس نالو وقت جي چونڊ عالمن ۾ ڳڻجڻ لڳو. عوام ۾ ديني ۽ مذهبي تعليم پکيڙڻ لاءِ خطبن ۽ تقريرن جو سلسلو شروع ڪيائيـن. سندس ڏاهپ وارن خطبن ۽ عالماڻي گفتگوءَ جي ڪري نـهرڳو قُم، پر ايران جي ٻين شهرن مان به ماڻهو وٽس اچڻ لڳا، ۽ ڏسندي ڏسندي ماڻهن جو هڪڙو وڏو انگ امام خُمينيءَ جو معتقد ۽ پيروڪار بڻجي ويو، جيڪا ڳالهه ايران جي بادشاهه رضا شاهه پهلويءَ کي نه آئڙي، جنهن پوليس ذريعي امام خُمينيءَ جي اجتماعن کي ختم ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، پر اُن تي عمل نه ٿي سگهيو.
اُن زماني ۾ ايران جي زراعت ۽ معيشت پوئتي پئجي چڪي هئي، ۽ ايران جي درسگاهن ۾ ’سفيد انقلاب‘ جي تعليم ڏني ويندي هئي، جنهن تي ان وقت جا عالم ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا هئا، هڪڙن جو خيال هو ته عالمن جو ڪم ۽ مقصد صرف ديني تعليم ڏيڻ آهي ۽ سندن اسلامي تعليمات موجب سياست سان ڪو به واسطو نه هئڻ گهرجي، جڏهن ته ٻيو گروهه، جيڪو امام خميميءَ ۽ سندس ساٿين جو هو، تن جو چوڻ هو ته ديني تعليم سان گڏ سياست به ضروري آهي ۽ عالمن کي نه رڳو سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي، پر حڪمراني به ڪرڻ گهرجي.
آمريڪا، ايران ۾ تيل جي حوالي سان پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ شهنشاهيت جو قيام ضروري سمجهيو پئي، ان ڪري 1961ع ۾ شهنشاهه ايران کي آمريڪا واضح لفظن ۾ چئي ڇڏيو ته ايران کي صرف ان بنياد تي امداد ڏني ويندي ته ايران، آمريڪا جون تجويزون ۽ سفارشون نافذ ڪندو. شهنشاهه ايران انهن تجويزن کي ’انقلاب سفيد‘ جي نالي سان ايران ۾ نافذ ڪيو ۽ ظاهر ڪيو ته هي انقلاب شهنشاهه ايران جو فڪري نتيجو آهي.
امام خُميني ۽ سندس ساٿين سان عالمن ’انقلاب سفيد‘ جي سڌي سنئين مخالفت ڪئي ۽ عوام کي اها آگاهي ڏني ته ’انقلاب سفيد‘ اسلام مخالف آهي، جنهن جا نتيجا منفي نڪرندا. نه صرف ايترو پر امام خُمينيءَ، شهنشاهه ايران ۽ وزيراعظم ايران کي هڪڙيءَ تار ذريعي پيغام موڪليو ته ’اسلام‘ جي خير خواهيءَ لاءِ آءٌ توهان کي اهو مشورو ڏيان ٿو ته ”چاپلوس ۽ خوشامدي عنصرن تي ڀروسو نه ڪريو، جيڪي اسلام ۽ ان جي بنيادي قانونن کي توهان جي نالن سان منسوب ڪري، پاڻ آجو ٿيڻ گهرن ٿا. اُهي پنهنجا ناجائز ۽ فرسوده قانون توهان تي مڙهي، اسلام ۽ اُن جي بنيادي قانونن جو وقار ۽ حيثيت ختم ڪرڻ گهرن ٿا، جنهنڪري ملت اسلامي ۽ عوام ان ڳالهه جو منتظر آهي ته اوهين ملڪ ۾ اسلامي قانون نافذ ڪريو.“
اهو خط حڪومت ايران سان سڌو سنئون ٽڪراءَ جي شروعات هئي. ان کان پوءِ شهنشاهه ايران کي ڪافي مذهبي حڪم جاري ڪيا ويا، جن ۾ عورتن جي بي پردگي ۽ بي راهه روي روڪڻ وغيره شامل هئا.
امام خُمينيءَ جي ان مهم کي شهنشاهه ايران پنهنجي اقتدار لاءِ وڏو خطرو سمجهيو، ان ڪري هن عالمن جي اجتماعن تي سختيءَ سان پابندي مڙهڻ لاءِ حڪومتي مشينريءَ کي ڪم ۾ آندو. ڪيترا ماڻهو گولين جو کاڄ بڻايا ۽ ڪيترن عالمن کي قيد ڪيو ويو، ڪيترن عالمن کي سخت تڪليفن ۽ مصيبتن مان گذرڻو پيو، ان ڪري محسن الطباطبائي الحڪيم، امام خمينيءَ ۽ ٻين عالمن کي عراق هجرت ڪرڻ جي دعوت ڏني، پر امام خمينيءَ وطن ڇڏڻ بدران ايران ۾ رهي حڪومت خلاف جدوجهد ڪرڻ کي ترجيح ڏني.
12 محرم 1382ع/ 16 جون 1962ع تي امام خمينيءَ کي قُم مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن تي لکين ماڻهو احتجاج طور روڊن تي نڪري آيا، هيءَ احتجاجي لهر جلد سڄي ايران اندر پکڙي وئي. احتجاج ڪندڙن تي ٽئنڪن، توپن ۽ هوائي جهازن سان حملا ڪيا ويا، پر حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون ويون. عوام جي جوش ۽ جذبي کي ڏسي، حڪومت ۽ شهنشاهه ايران کي گوڏا ٽيڪڻا پيا ۽ سال اندر ئي کين 12 ربيع الاول 1383ع/ 3 آگسٽ 1963ع تي امام خُمينيءَ کي آزاد ڪرڻو پيو.
امام خمينيءَ جي آزاديءَ تي ايران جي عوام سندس عظيم استقبال ڪيو، جنهن کان پوءِ امام خمينيءَ جي لهجي ۾ حڪومت خلاف وڌيڪ شدت ايندي وئي. امام خميني بي پناهه مقبوليت شهنشاهه ايران لاءِ ناقابل برداشت بڻجي وئي ۽ اهي ڳالهيون هُلي ويون ته حڪومت امام خمينيءَ کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ واري آهي. آخرڪار 1964ع ۾ کيس جلاوطن ڪيو ويو. امام خُمينيءَ جلاوطنيءَ دوران ڪجهه وقت تُرڪيءَ ۾ رهيو ۽ اُتان پوءِ عراق هليو ويو، جتان هُن پنهنجي جدوجهد جاري رکي. سندس خطبا ٽيپن ذريعي ايران پهچندا رهيا. ان وچ ۾ شهنشاهه ايران جي خفيه پوليس (سلواڪ)، امام خُمينيءَ جي فرزند مصطفيٰ خمينيءَ کي عراق ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو، پر جدوجهد ماٺي نه ٿي. 1978ع ۾ ايران جي سرڪاري اخبار ۾ امام خمينيءَ لاءِ هڪ مضمون ۾ ڪي توهين آميز جملا لکيا ويا ۽ سندس ڪردارڪشي ڪئي وئي هئي، ان تي عوام احتجاج ڪري ٻيهر روڊن تي نڪري آيو ۽ سڄي ملڪ ۾ هنگاما شروع ٿي ويا.
عراقي حڪومت کي به خطرو محسوس ٿيڻ لڳو ته ڪٿي امام خمينيءَ جي جدوجهد جا اثر عراقي عوام تي نه پون، ان ڪري عراقي حڪومت امام خمينيءَ کي جلد ئي عراق مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. جنهن کان پوءِ امام خميني پيرس (فرانس) آيو ۽ پنهنجي جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيائين. پيرس ۾ مهدي بازرگان، بني صدر ۽ قطب زاده به ساڻس اچي مليا. هوڏانهن ايران ۾ هنگامن ۽ امام خمينيءَ جي وڌندڙ شهرت کي روڪڻ ۾ شهنشاهه ايران ناڪام ٿي ويو، ان ڪري شاهپور بختيار کي وزيراعظم جي عهدي تي فائز ڪري، شهنشاهه ايران 16 جنوري 1979ع ۾ ايران ڇڏي ڀَڄي ويو. شهنشاهه ايران جي ڀڄي وڃڻ تي ايراني قوم جشن ملهائڻ شروع ڪيو. ٻئي طرف امام خُمينيءَ جي 19 جنوري 1979ع تي وطن واپس ورڻ واري خبر تي شاهپور بختيار سڄي ملڪ جا هوائي اڏا بند ڪرائي ڇڏيا.
امام خمينيءَ پيرس مان اعلان ڪيو ته، هو 26 جنوري 1979ع تي جمعي جي ڏينهن تهران ۾ ضرور لهندو ۽ حڪومت خلاف جدوجهد ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي قبرن تي بهشت زهره قبرستان ۾ وڃي فاتح خواني ڪندو. اها خبر ٻُڌندي شاهپور بختيار 25 جنوري جي شام کان ئي ملڪ جا سمورا هوائي اڏا ٻيهر اڻڄاتل مُدي لاءِ بند ڪرائي ڇڏيا. ان دوران شاهپور بختيار پيرس وڃي امام خمينيءَ سان مذاڪرات ڪرڻ جو خيال ظاهر ڪيو، پر امام خُمينيءَ سندس حڪومت کي شيطان جي حڪومت قرار ڏئي ڇڏيو، جنهنڪري شاهپور بختيار پيرس وڃي نه سگهيو.
آخرڪار پهرين فبروري 1979ع تي امام خميني تهران جي مهرآباد ايئرپورٽ تي اچي لٿو، جتي سندس تاريخي استقبال ڪيو ويو ۽ پنجاهه لکن کان وڌيڪ ماڻهن ’الله اڪبر‘ ۽ ’خميني زنده باد‘ جي نعرن سان سندس آجيان ڪئي. دنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن به شخصيت جو ايڏو وڏو استقبال نه ٿيو آهي. امام خمينيءَ جي حامين ملڪ جو نظام هٿن ۾ سنڀالي ورتو.
ڊسمبر 1979ع ۾ ايران کي هڪ نئون آئين ڏئي ’اسلامي جمهوريه ايران‘ بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو. آيت الله خمينيءَ کي امام ۽ تاحيات اڳواڻ ۽ ڪمانڊر قرار ڏنو ويو. آيت الله خمينيءَ ملڪ ۽ دين جي بهتريءَ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪئي. سندس حياتيءَ ۾ 1980ع کان عراق ايران جنگ لڳي، جيڪا اٺ سال جاري رهي. امام خميني جوان مرديءَ سان اندروني توڙي بيروني مشڪلاتن کي منهن ڏنو. عراق- ايران جنگ سبب ايران جي معيشيت مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ خرچ گھڻا وڌي ويا، جنهنڪري امام خمينيءَ، اقوام متحده جي جنگ بنديءَ واري آڇ کي قبول ڪري ورتو. پنهنجو روحاني رهبر ڪري تسليم ڪندو هو. ياسر عرفات ايراني انقلاب بعد امام خمينيءَ سان سندس ملڪ ۾ وڃي ملاقاتون ڪيون.
ايران جي اسلامي انقلاب جي هن سرواڻ آيت الله خُمينيءَ، 3 جون 1989ع تي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، ڪروڙين ايراني ماڻهو سندس جنازي ۾ شامل ٿيا. امام خمينيءَ کي تهران جي مشهور قبرستان ’بهشت زهرا‘ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هن وقت سندس مزار تي عاليشان روضو تعمير ٿي چڪو آهي. سندس روضي جي ڀرسان ’موسوسه خمينيءَ‘ نالي هڪ ادارو قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو امام خمينيءَ جي ڪتابن کي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪري شايع ڪندو رهي ٿو. ايران جي معيشيت اڳتي هلي مستڪم بڻجي وئي. البت سندس وفات سان ايران ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو.
امام خُمينيءَ جي گھر واريءَ خديجه ثقفي 2009ع ۾ وفات ڪئي. کيس پنج ٻار هئا، جن ۾ ٻه پٽ سيد مصطفيٰ خميني ۽ سيد احمد خميني ۽ ٽي ڌيئرون: سيده زهرا، سيده صديقه ۽ سيده فريده هيون. سندس ٻئي پُٽ شهيد ٿيا. وڏو پٽ مصطفيٰ خميني 1977ع ۾ عراق ۾ ماريو ويو، جڏهن ته احمد خميني 1995ع ۾ مارجي ويو. سندس هڪ ڌيءَ زهره المصطفوي تهران يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي.
امام خمينيءَ جون تصنيفون عربيءَ ۽ فارسي ٻولين ۾ آهن، جيڪي انگريزي، جرمن، فرينچ، اردو ۽ سنڌيءَ سان گڏ دنيا جي ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن، سندس تصنيفن ۾ هيٺيون مشهور رهيون آهن:
(1) تحرير الوسيله (4 جلد)، (2) ڪتاب البيع، (3) ڪتاب الخلل في الصواة، (4) جهاد اڪبر، (5) رساله توضيح المسائل، (6) مناسڪ حج، (7) شرح دعاي سـحـر، (8) شـرح حـديـث راس الحالـوت، (9) شرح حديث جنود عقل وجهل، (10) مصباح الهداية الي الخلافة والولاية، (11) تعليقات علي شرح فصوص الحڪم و مصباح الانس، (12) شرح چهل حديث، (13) تفسير سوره حمد، (14) مقام رهبري در فقه اسلامي، (15) مسائل امر به معروف ونهي ازمنڪر، (16) جهاد نفس، (17) صحيفه امام (22 جلد)، (18) لمحات الاصول، (19) آداب نماز، (20) رساله لقاء الله، (21) بدايع الدرر في قاعدة نـفـي الـضــرر، (22) رسـاله فـي التـقـيه، (23) رساله فــي قــاعـده مـن مـلـڪ، (24) ڪـتـــاب الـطـهـارت (4 جــلــد)، (25) تـعــليـقـة عـلـي الـعـروة الوثقيٰ، (26) الـمـڪـاسـب الـمـحـرمـه (2 جلد)، (27) تـعـليـقـة عـلـي ويسـلة النجاة، (28) رساله نجاة العباد، (29) حاشيه بر رساله ارث، (30) تقريرات درس اصول آيت الله العظمي بروجردي، (31) ديوان اشعار (فارسي)، (32) سبوي عشق، (33) ره عشق، (34) باده عشق، (35) نقطه عطف، (36) محرم راز، (37) الوسيله (2 جلد) وغيره.
امام خميني شاعر به هو. سندس شاعريءَ هڪ تصنيف ’ره عشق‘ جو سنڌيءَ ۾ ’راههِ عشق‘ جي نالي سان نامور شاعر نياز همايونيءَ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو خانه فرهنگ ايران، حيدرآباد، سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.09.24  عيسوي

ايران جي مشهور روحاني ۽ سياسي اڳواڻ آيت الله خُمينيءَ، 20 جمادي الثاني 1320هه/ 24 سيپٽمبر 1902ع تي ايران جي شهر خُمين ۾ جنم ورتو.


1962.06.16  عيسوي

12 محرم 1382ع/ 16 جون 1962ع تي امام خمينيءَ کي قُم مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن تي لکين ماڻهو احتجاج طور روڊن تي نڪري آيا،


1963.08.03  عيسوي

عوام جي جوش ۽ جذبي کي ڏسي، حڪومت ۽ شهنشاهه ايران کي گوڏا ٽيڪڻا پيا ۽ سال اندر ئي کين 12 ربيع الاول 1383ع/ 3 آگسٽ 1963ع تي امام خُمينيءَ کي آزاد ڪرڻو پيو.


1989.06.03  عيسوي

ايران جي اسلامي انقلاب جي هن سرواڻ آيت الله خُمينيءَ، 3 جون 1989ع تي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، ڪروڙين ايراني ماڻهو سندس جنازي ۾ شامل ٿيا. امام خمينيءَ کي تهران جي مشهور قبرستان ’بهشت زهرا‘ ۾ دفن ڪيو ويو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خديجه مستور
پير پٺو
صديقي محمد صالح
جڳديش لڇاڻي
چاندو فقير
جعفري غلام تقي
اياز علي شاهه شيرازي
شير محمد مري
پيرل شاهه بخاري
بيرنگ فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون